Qadeem Sindh-Ancient Sindh-By Bhero Mal Chand Mahar Adwani
₨400.00
Writer: Bhero Mal Chand Mahar Adwani
سنڌي ڪتاب قديم سنڌ ليکڪ ڀيرومل چند آڌواڻي
Publisher: Sindhi Adabi Board
Description
Qadeem Sindh-Ancient Sindh-By Bhero Mal Chand Mahar Adwani
سنڌي ڪتاب قديم سنڌ ليکڪ ڀيرومل چند آڌواڻي
ھن ڪتاب ۾ اڳوڻي َقديم سنڌ جي نه رڳو جاگرافيائي سماجياتي مھانڊا تھزيبي حالتون چٽيل آهن پر سنڌو جي اصلوڪي رھاڪن جي ھجرتن ريتن روايتن ،ھنرن،کاڌي سميت سماجي سياسي معاملن جو تفصيلي اھڙو بيان ٿيل آھي جو ماضي جي شاندار جيئري جاڳندڙ سنڌ اکين آڏي بيٺل نظر اچڻ لڳي ٿي.
قديم هندستان جي تاريخ ڪيئن جڙي
هيءَ ڳالهه عالم آشڪار آهي ته 711ع ۾ عربن جنهن وقت سنڌ فتح ڪئي، تنهن وقت تائين قديم هندستان جي ڪابه تاريخ اهڙيءَ ريت جڙيل ڪانه هئي، جهڙيءَ ريت اڄ ڪلهه تاريخون جوڙجن ٿيون. ان وقت عربن کي سنڌ جي راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي راجائن- راءِ ساهسي، چچ، چندر ۽ ڏاهر- بابت جيڪي احوال ماڻهن جي واتان مليا، سي قلمبند ڪيائون جي چچ نامي ۽ ٻين پارسي ڪتابن ۾ لکيل آهن. انهن احوالن تي ڪيتريقدر ڀروسو ڪرڻ گهرجي. تنهن ڳالهه تي پوءِ اينداسين – ايترو چئبو ته تڪليف وٺي ڪيترو مصالحو ڪٺو ڪيائون، جو هن وقت اسان کي جيڪر ملي ڪين سگهي ها. ڪن مسلمان عالمن پوءِ جا تاريخي احوال به لکيا؛ پر آڳاٽن احوالن جي ڪابه کوجنا نڪي هندن نڪي مسلمانن ڪئي: انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل تائين به اهائي حالت هئي. هينئر، جو رکي رکي، هيترين صدين کانپوءِ قديم هندستان جون تاريخون جوڙيون اٿن، جن ۾ نه رڳو آڳاٽن آرين، پر اڻ آريه قومن جا احوال به ڏنا اٿن، سو اهي ڪسابن جون ڳالهيون آيون ڪٿان؟ حقيقتاً اها ڪهاڻي هڪ عبرت جهڙي آکاڻي آهي، جا اڳيئي پنهنجي جوڙيل ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ جي منڍ ۾ ڏني اٿم. ساڳيءَ ڳالهه دهرائڻ جي ضرورت ڪانهي، تنهنڪري ٻولين جي کوجنائن بابت ٻه اکر چئي، تاريخ جي کوجنائن جو ذڪر ڪبو، ته سڄي ڳالهه ڳنڍيل نظر اچي.
ٻولين جون کوجنائون: عيسوي پندرهينءَ ۽ سورهينءَ صديءَ ۾ پورچوگيزن، ڊچن، فرينچن ۽ انگريزن، هڪ ٻئي جي پٺيان، واپار سانگي هندستان ۾ اچي ڪوٺيون وڌيون، ته منجهائن ڪن سنسڪرت تي ڌيان ڏنو. هنن ڏٺو ته سنسڪرت ۾ گهڻيئي اهڙا لفظ آهن، جي ساڳيا ڪيترين يوروپي ٻولين ۽ پارسيءَ ۾ آهن. مثلاً سنسڪرت ”ماتر“ (ماتا، ماءُ) ۽ ”ڀراتر“ (ڀاءُ) جا اُچار پارسيءَ ۾ ”مادر“ ۽ ”برادر“ ۽ انگريزيءَ ۾ ”مدر“ (Mother) ۽ ”بردر“ (Brother) آهن. اهڙا ٻيا ڪئين ساڳيا لفظ ڏسي حيران ٿيا؛ پر سمجهي نٿي سگهيا، ته اهي لفظ يورپ، ايران ۽ هندستان ۾ ڪيئن عام ٿيا.
Only logged in customers who have purchased this product may leave a review.
Reviews
There are no reviews yet.